اسلام آباد-15 ڊسمبر(اي پي پي) پرڏيهي کات?? جي ترجمان چيو آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب يونان جي ڪريٽ ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ گذريل ڏينهن ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ بچي ويلن ۾ 47 پاڪستان پڻ شامل آهن ج??هن ته فوت ٿي ويلن ۾ هڪ پاڪستان?? جي تصديق ٿي آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هن وقت فوت يا گم ٿي ويلن پاڪست??ني شهرين جي حتمي تعداد جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ج??هن ته يونان ۾ پاڪستان جو سفارتخانو هيلينڪ ڪوسٽ گارڊ ۽ چانيا جي ڪوسٽ گارڊ سان رابطي ۾ آه?? جيڪي سڌي ريت سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪست??ني سفارتخ??ني جا عملدا?? پاڪستانين سان ملڻ ۽ انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪريٽ پهچي ويا آهن. يونان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پرڏيهي وزارت پنهنجي ڪرائسز مينجمنٽ يونٽ (سي ايم يو) کي فعال ڪري ورتو آهي. پرڏيهي کاتي يونان ۾ پاڪست??ني شهرين ۽ انهن جي ڪٽنبن کي ٽيليفون نمبرن / اي ميل فون نمبر 0519207887 ، اي ميل cum1@ mofa.gov.pk تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گم ٿي ويل پاڪستانين جا ڪٽنب ڄاڻايل ٽيلفون نمبر تي رابطو ڪري ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل معلو م ڪري سگهن ٿا.
يونان جي ڏکڻ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جو واقعي ۾ 47 پاڪستانين کي بچايو ويو آهي،هڪ پاڪستاني جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ