اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪ?? پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي گولي هلائڻ جي بيان ت?? پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گارگند کان هاڻي گولي هلائڻ تي اچي ويو آهي، ان سان هو پنهنجو نقصان ڪندو، ڪنهن ٻئي جو نه. پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو ڪ?? به بيان، ڪو قدم ۽ ڪو به رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي. هنن ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار، ??عا??ي بهتري جي ميدانن ۾ مقابلو ڪ??داسين. وفاقي وزير چيو ته انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي جي منصوبن جو انقلاب آڻيو، ڪي پي ۾ ڪرپشن ۽ نا اهلي جي انتها ٿي چڪي آهي، اصل مقابلو اهو هو ته وفاق ۽ پنجاب وانگر بجلي جي صارفين کي ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي صوبي ۾ رليف ڏئي ها، اصل مقابلو اهو هو ته اسپتالن، درسگاهن جي تعمير سان عوام جي خدمت جو ڪ?? رڪارڊ ٺاهين ها. هن چ??و ته چين جي صدر جي دوري کي ڌرڻن سان ناڪام بنائيندڙ هاڻي ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي وري ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڊفالٽ جي ڪناري تي پهچائيندڙ پي ٽي آءِ کي تڪليف اها آهي ته پاڪستان ??عا??ي بحالي جي راهه تي ڇو هلي رهيو آهي، عوام کي تيز ترين مها??گا??ي سان تڪليف ڏيندڙن کي تڪليف آهي ته مها??گا??ي 32 سيڪڙو کان 9.6 سيڪڙو تي ڇو آئي آهي. هن چ??و ته گارگند، گولي ۽ بندوق سان مها??گا??ي گهٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي بيروزگاري، 11 سال کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي ڦر لٽ جو اڏو ٺهيل آهي. هن چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني عوام جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان ت?? تڪليف ٿي رهي آهي.
خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا