اسلام آباد – 17 آگ??ٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته صحت واري عالمي اداري طرفان منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به ان بيماري جي حوالي سان سخت نگراني جي ضرورت آهي، ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم جي صدارت هيٺ منڪي پاڪس جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن ??لڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ بارڊرز تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي موثر بڻائڻ، بارڊر هيلٿ سروسز کي صورتحال جي ڀرپور نگراني ۽ سخت سرويلنس، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪي پاڪس صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي حوالي سان روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ منڪي پاڪس جي جاچ جي حوالي سان سمورن ضروري اوزارن ۽ ڪٽس جي فراهمي يقيني بڻائڻ، منڪي پاڪس جي پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سان رابطا بهتر بڻائڻ ۽ منڪي پاڪس جي حوالي سان موثر ۽ جامع آگ??هي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم چي?? ته هو منڪي پاڪس جي حوالي سان هفتيوار بريفنگ وٺندو، بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ويجهڙ ۾ ئي ضلع مردان جي هڪ شخص ۾ منڪي پاڪس جي وائرس جي تصديق ٿي آهي. متاثر شخص روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه رهيل هو ۽ ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان آيو. متاثر شخص کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي، متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته پاڪستان ۾ هن ??قت منڪي پاڪس جي لوڪل ٽرانسميشن ناهي، صحت واري عالمي اداري طرفان 14 آگ??ٽ 2024ع تي منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان منڪي پاڪس جي حوالي سان نيشنل ايڊوائيزري ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون منڪي پاڪس جي حوالي سان آگ??هي مهم جي شروعات ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ٻڌايو وي?? ته منڪي پاڪس جي حوالي سان سول ايوي ايشن اٿارٽي پرڏيهه مان ايندڙ اڏامن جي نگراني ڪندي. صوبائي حڪومتون گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سميت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، انتظاميه وڏن اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊز ۽ بسترا منڪي پاڪس جي امڪاني مريضن لاءِ مخصوص ڪيا آهن. اجلاس ۾ ??زي??اعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، منڪي پاڪس جي ازالي لاءِ موثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ