اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ اسحاق ڊار چيو آهي، ته هڪ ناليواري قانونساز ۽ پاڪستان جي ثابت قدم دوست شيلا جيڪسن لي جي وفات جو ٻڌي ڏک پهتو آهي. هن ڪانگريس پاڪستان ڪاڪس جي چيئرپر??ن هئڻ ناطي نمايان ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ان جي پختي عزم کي هميشه يا?? رکيو ويندو. هن مرحومه جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان ڏکويل ڪٽنب ۽ ان جي چاهيندڙن سان گڏ آهيون.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا