اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير سين??ٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري سان نه رڳو گهري قابل قدر حصيداري کي سگهه ملندي پر اهو علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي. هو خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) فورم کي خطا?? ڪري رهيو هو جنهن ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل بن فرحان آل سعود جي قيادت ۾ دورو ڪندڙ اعليٰ سطحي سعودي وفد شرڪت ڪئي. دوري ڪندڙ وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي وزير انجنيئر عبدالرحمان عبدالامحسن آل فضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير بندر ابراهيم آلخريف، سيڙپڪاري وارو خصوصي وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه محمد مازياد التويجري ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته موجوده حڪومت جو هدف سيڙپڪاري خاص طور تي سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش ماحول پيدا ڪندي پاڪستان کي اقتصادي سرگرمي ۽ جدت رکندڙ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. پرڏيهي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري کي قدر ۽ اداراجاتي نظام جي لاءِ ذريعي جي طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري اسلامي ورثي ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا قائم آهن ۽ سعودي وفد جي دوري ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گهري ۽ پائيدار رابطن کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب سان پراڻي ۽ آزمايل دوستي پاڪستا?? جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم عنصر آهي، ان جو مقصد روايتي طور تي ڀائراڻن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن وفد کي ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي پليٽ فارم جو مقصد سيڙپڪاري جي حوالي سان لاڳاپيل عمل کي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ ۽ فيصلاسازي کي موثر بڻائڻ آهي. هن چيو ته بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏيڻ، ريگيوليٽري فريم ورڪ کي هموار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سڌي سنئين غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغ?? ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار عمل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪائونسل جو مرڪزي ڪردار آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان زرخيز زرعي زمين، فعال افرادي قوت، معدني وسيلن، متحرڪ آءِ ٽي سيڪٽر، شمسي، هائيڊرو ۽ ونڊ جهڙي قابل تجديد توانائي جي وڏن امڪانن سان مالامال آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي زرخيز زمين زرعي ٽيڪنالاجي ۽ فوڊ پراسيسنگ ۾ تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن. پاڻي وسيلن جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ پاڪستا?? جي لاءِ ريجنل فوڊ باسڪيٽ بڻجڻ جو امڪان پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪ جي کاڻي?? جي شعبي خاص طور تي تانبي، سون ۽ قيمتي معدنيات سان معروف ٽٿيان بيلٽ ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن مان به اڃا تائين فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته گڏيل ڪوشش?? جي ذريعي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ڌرين کي دستياب وڌيڪ موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري سان نه رڳو گهري قابل قدر حصيداري کي سگهه ملندي پر اهو علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي: پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن