اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن ??حت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن ??ڏهن ??ه 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فن?? اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن ??و. ??اڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ??يسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آئي) جنهن ??و تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ايل آئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏينهن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن ??حت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون جنهن ??ي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن ??ڏهن ??ه 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فن?? اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي، اها رقم غريبن جي مفت علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ۽ پي ڪي ايل آئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گڏوگڏ حڪومتي عهديدارن کي انهن ??ي عظيم قومي خدمتن تي ساراهيو. هن چيو ته اسان گڏجي پي ڪي ايل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.
هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔