اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين ۽ فنڪارن جي ??يلٿ انشورنس وزيراعظم شهباز شريف جو تاريخي فيصلو آهي، نواز شريف دور ۾ هيلٿ انشورن?? ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو، صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ انشورنس جي ??راهمي انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اسان 15 مهينن جي ??ختصر مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ قانونسازي ڪئي، ان جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي ??د ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ادا ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي ??چ ۾ صحافين ۽ فنڪارن جي ??يلٿ انشورنس جي ??اءِ مفاهمت جي ??اداشت تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، قانون واري ??فاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي ??عيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال ظهر ڪياني، اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اسٽيٽ لائيف انشورنس جي چيئرمين شعيب جاويد س??يت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم صحافين ۽ فنڪارن جي ??يلٿ انشورنس جو تاريخي فيصلو ڪيو جنهن جي شروعات اڄ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڄي پاڪستان مان صحافين ۽ فنڪارن جي ??اءِ هن سال بجيٽ ۾ هڪ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي ??دايت هئي ته صحافين ۽ فنڪارن جي ??اءِ بجيٽ ۾ رکيل رقم رڳو اعلانن تائين محدود نه هجي ??ر ان منصوبي جي ??اءِ عملي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ٻه هفتا اڳ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جڏهن ته هڪ هفتو اڳ آرٽسٽن جي ??يلٿ انشورنس جي ??اءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته نواز شريف دور ۾ هيلٿ انشورن?? ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو هو، ان بنياد ۽ اسٽيٽ لائيف جي تجربي کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري ??زارت صحافين ۽ فنڪارن جي ??اءِ هيلٿ انشورن?? ڪارڊ جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 آگسٽ تي هيلٿ انشورن?? ڪارڊ جاري ڪندو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اسان 15 مهينن جي گهٽ مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ اهم قانونسازي ڪئي، انهن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو. هن چيو ته صحافين کي هيلٿ انشورن?? ڪارڊ جي صورت ۾ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته هيلٿ انشورنس تحت ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور طبي سهولتن س??يت رينل سرجري، هارٽ سرجري، ڪارڊڪ سجري س??يت مختلف سرجريز جي سهولت ڏني ويندي جڏهن ته ان ڪارڊ تحت ايمبولينس سروس پڻ ڏئي سگهبي. هن چيو ته اسٽيٽ لائيف پاران ڪيتريون ئي ويليو ايڊيشنز به ڪيون ويون آهن. مريم اورنگزيب چيو ته هيلٿ انشورنس سان صحافين ۽ آرٽستن جي ڀلائي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 15 مهينن جي ??ختصر عرصي ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري اخباري ??لازمن کي پگهارن جي ??د ۾ ادا ڪيا ويا آهن جڏهن ته ميڊيا ورڪرز پاران جاب سيڪيورٽي س??يت هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار هو، اهم منصوبا پٺتي ڇڏيا ويا هئا، وزيراعظم محمد شهباز شريف نه رڳو انهن منصوبن کي ريسڪيو ڪيو پر انهن کي بحال ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير صحافين ۽ فنڪارن جي ??اءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻ جي ??اءِ اطلاعات واري ??زارت جي ??وري ??يم جا ٿورا مڃيا.
صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس وزيراعظم شهباز شريف جو تاريخي فيصلو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز