اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيرا??ظم جو صلاحڪار احد خان چيما، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيرا??ظم ملڪ ۾ سگريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃ??. و??يرا??ظم 15 جولاءِ تائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام ??اءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. و??يرا??ظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ڪئي وڃ??. و??يرا??ظم چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم پاران اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج