اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڊنمارڪ ۾ قران پاڪ جي بي حرمت?? جي هڪ مڪروه فعل جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته اهڙي ڄاڻي واڻي گهٽيا ح??ڪت مسلمانن ۽ انهن جي عقيدي خلاف وڌندڙ نفرت، نسل پرستي ۽ ??وب??ا جو هڪ پريشان ڪندڙ مظهر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق اهڙي ريت جي سوچيل سمجهيل ڪارروائين جو بار بار ٿيل قانوني فريم ورڪ جي افاديت تي سواليه نشان آهي جنهن جي پٺيان اسلامو ??وب??ا ۾ ملوث ماڻهو لڪيل منافقت کي هوا ڏين ٿا، بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اظهار جي آزاد?? جي حق کي ڪنهن به مذهب جي مقدس ڪتابن يا شخصيتن جي ڄاڻي واڻي توهين ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته اسان سمورن رياستن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو انساني حقن جي عالمي قانون ۾ داخل ذميوارين ۽ فرضن مطابق اهڙين ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قانوني رڪاوٽون پيدا ڪري. بيان ۾ چيو ويو ته اسان انساني حقن جي عالمي مشينري کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو اهڙن قدمن خلاف آواز اٿارين جيڪي صرف عقيد?? جي بنياد تي مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابري واري سلوڪ ۽ تشدد کي هوا ڏين ٿا.
پاڪستان پاران ڊنمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي هڪ مڪروه فعل جي مذمت
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria