اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آئيو??ي ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڊامه بڪنوگو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارلياماني رابطن، او آءِ سي، آ??ريقي يونين ۽ واپاري شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آئيو??ي ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان آئيو??ي ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. آئيو??ي ڪوسٽ جي اسپيڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس