سکر-27ڪٽوبر (اي پي پي) خيرپور ۾ 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان يوم ڪشمير طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ضلعي انتظاميه ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وڏي ريلي ڪڍي وئي، ريلي سول سينٽر کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر خيپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ۽ ايس ايس پي مير روحل خان کوسو ڪئي، ريلي ۾ اي ڊي سي ڪبير شاهه، اي ڊي سي ظفر عباس عباسي، صفدر ميراڻي سم??ت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ??ئي. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج ڪشمير تي غير قانوني قبضو قائم ڪيو، ڀارت طرفان ڪيل اڳرائي خلاف گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته 1948ع ۾ گڏيل قومن جي منظور ٿيل قرا??دا??ن موجب ڪشميرين کي انهن جا حق ڏنا وڃن، پاڪستان هر سطح تي ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارت?? حمايت جاري رکندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی