اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آء?? سي) عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته ا??ا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي. او آء?? سي جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي س??ل مڪمل ٿي ويا آهن، ان دوران ڀارت والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين سميت وڏي پئماني تي غيرقانوني قدم کنيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جا غيرقانوني قدم نه ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي متاثر ڪري سگهن ٿا. جنرل سيڪريٽريٽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي س??براهي اجلاس ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي قراردادن جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۾ او آء?? سي جي يڪجهتي کي ورجاي??. ب??ان ۾ ڪشميرين جي بنيادي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ ڪيل سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪي وآهي ته ا??ا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي.
عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي: او آءِ سي
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا