اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، طالبان مخلوط حڪ??مت جوڙين، پشاور کان مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لازمي آهي، سي پيڪ کي يورپي يونين سان ڳنڍڻ کانپ??ءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا سان گڏ بدين پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪ??و. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، وزيراعظم عمران خان باجوڙ ۾ پنهنجي خطاب دوران اشرف غني کي اليڪشن بدران سمورن گروپس سان گڏجي متفقه حڪ??مت قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، طالبان کي به اسان جو مشورو آهي ته اهي مخلوط حڪ??مت جوڙين. هن چيو ته اسان طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪ??و، ڪابل جي حڪ??مت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪ??شش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، پشاور کان مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لازمي آهي، اسان سي پيڪ کي يورپي يونين سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ کي يورپي يونين سان ملائڻ کانپ??ءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ملندو، اهي مقصد انهي وقت حاصل ٿي سگهن ٿا جڏهن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سالن دوران اٽڪل 1900 ارب رپيا سنڌ حڪ??مت کي وفاق پاران مليا، وفاق کي سڄي ملڪ مان ملندڙ ٽيڪس جو 59 سيڪڙو حصو صوبن کي منتقل ٿي وڃي ٿو، بدين ۽ گهوٽڪي ۾ گئس جي رائلٽي جي نالي تي سنڌ حڪ??مت وڏي رقم وفاق کان وٺي ٿي، بدين کي پنهنجي مسئلن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته ورڪنگ جرنلسٽس کي حق هجڻ گهرجي ته اهي ميڊيا ??ربيونلز جي ذريعي پنهنجي ڪانٽريڪٽ جي انفورسمينٽ ڪرائي سگهن، گذريل ساڍن ٽن مهينن دوران اٽڪل 70 ڪروڙ رپيا ??يڊيا گروپس کي جاري ڪيا ??يا ??ر هن وقت به ميڊيا ادارا پنهنجي ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگيون نه ڪري رهيا آهن جيڪو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ??رڪرز جي حقن ۽ فيڪ نيوز کانسواءِ هر ترميم جي لاءِ تيار آهيون. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين هڪ وڏي سياسي پس منظر جي باوجود پٺتي پيل علائقو آهي، بدين جي ميديا جو علائقائي ايشوز کي اٿارڻ ۾ متحرڪ ڪردار آهي، ميڊيا ادارن کي ادائيگي جي باوجود ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پريس ڪلب جي عهديدارن اطلاعات واري وفاقي وزير کي سنڌ حڪ??مت پاران ڪيل ناانصافين سميت درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پريس ڪلب جي عهديدارن جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. بدين پريس ڪلب جي عهديدارن ۾ پريس ڪلب جو صدر تنوير احمد آرائين، شوڪت ميمڻ، حميد سومرو، دودو پنهور، اشرف ميمڻ، ساوڻ خاصخيلي، ملڪ الياس، عمران عباس خواجه، اشفاق ميمڻ، اي مجيد، شڪور ميمڻ، خالد عباسي، شفيع ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ ۽ نور حسن سولنگي شامل هئا.
اسان طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، طالبان مخلوط حڪومت جوڙين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II