مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وفد سميت مشهد پهچي ويو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رض?? تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روان?? ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن ??ان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??ان گڏ سينيٽرز دلاور خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار