اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فو??ي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ??رج??ح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل وزيراعظم کي مختلف عدالتي معاملن، انصاف جي نظام جي ح??ال?? سان جاري سڌارن ۽ ”واٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان واٽر ڪميشن رپورٽ جي ح??ال?? سان جسٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ڪريم جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳ??ون آهن. وزيراعظم جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. مختلف عدالتي مامرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فو??ي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ??رج??ح آهي. وزيراعظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ح??ال?? سان حڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.
عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش