اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زر??اري چيو آهي ته حڪومت کي انصاف ۽ انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو، پنهنجي معاشي ۽ جمهوري حقن تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، هي ايوان ملڪ جو بااختيار ايوان آهي، سڀ ادارا هن ايوان کي جوابده آهن، هي ايوان ڪنهن اداري آڏو جوابده نه آهي، قرضن جي حو??لي سان ڪميشن جو قيام غير آئيني ۽ غير جمهوري آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 20 -2019ع جي بجيٽ ت?? بحث ۾ حصو وٺندي بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته اسان پاڪستان جي عوام کان هن ايوان جي ماحول جي حو??لي سان معذرت خواه آهيون، هن ايوان جي هر ميمبر جي عزت جو خيال رکڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج