جهلم – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته م??الف ڌر وارا قومي اسيمبلي ۾ غير جمهوري حربا استعمال ڪري رهيا آ??ن، مخالف ڌر وارا گوڙ ڪري آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪيسن کان جان ڇڏائ?? چاهين ٿا، پارليامينٽ ۾ نيب ۽ حڪومت تي تنقيد جي بدران قانونسازي ۽ قومي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، فليگ شپ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، نواز شريف جلد جيل ۾ هوندو، رانا ثناءُ الله جي خلاف ماڊل ٽائون سانحي جي ڪيس ۾ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪندي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری