رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب ۾ فضائي مسافرن جي انگ ۾ گذريل سال غير معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ار??و نيوز موجب سال 2023ع دوران 112 ملين مسافرن مملڪت جي ايئر پورٽس تان سفري سهولت حاصل ڪئي. سول ايوي ياشن جي سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2023 ۾ مسافر ن جي انگ ۾ ٿيندڙ اضافو سال 2022 ج?? مقابلي ۾ 26 سيڪڙو رهيو ڪورونا وبا کانپوءِ مملڪت ۾ فضائي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. سول ايوي ايشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل سال 2023 ۾ 8 لک 15 هزار اڏامون مملڪت جي ايئر پورٽس تي اچن. اهو انگ سال 2022 ج?? مقابلي ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال انٽر نيشنل مسافرن جو انگ 61 ملين جڏهن ته عالمي اڏامن جو انگ 3 لک 94 هزار رهيو ڪنگ عبدالعزيز ايئر پورٽ ملڪت جي مصروف ترين ايئر پورٽس ۾ سڀ کان اڳيان رهيو اتي ڪلاڪ ۾ 30 اڏامن جي آمد رفت ريڪارڊ ڪئ?? وئي ٻئين نمبر تي رياض جو ڪنگ خالد انٽر نيشنل ايئر پورٽ رهيو ، اتي في ڪلاڪ 27 اڏامن جي آمد رفت ريڪارڊ ڪئ?? وئي ڪنگ فهد انٽر نيشنل ايئر پورٽ ٽئين نمبر تي رهيو اتي هڪ ڪلاڪ ۾ 11 اڏامن جي آمد رفت رهي . پوئين سال 2023 ۾ اندروني مملڪت اڏامن جو انگ ۾ به غير معمولي اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو گذريل سال ڊوميسٽ?? م??افرن جو انگ 51 ملين ۽ اڏامن جو انگ 4 لک 21 هزار رهيو .
سعودي عرب جي ايئر پورٽس تي مسافرن جي انگ ۾ غير معمولي اضافو ريڪارڊ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج