ابوظهبي – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ هلال احمر جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل راشد المنصوري چيو آهي، ته غزه لاءِ امدادي مهم دوران 3 هفتن ۾ امدادي سامان جا 60 هزار پيڪٽ گڏ ٿيا. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق هن ٻڌايو ته امارات 40 ٽن کا?? وڌيڪ غذائي شيون ۽ بنيادي ضرورت جو سامان گذريل ڏينهن غزه پٽي موڪليو آهي. هي سامان پهرين امارات کا?? مصر جي العريش ايئرپورٽ ۽ پوءِ اتان ر??ح ڪراسنگ ذريعي غزه پهچايو ويو. هن چيو ته هن وقت تا??ين 60 هزار کا?? وڌيڪ غذائي پيڪيٽ گڏ ٿي چڪا آهن. 17 هزار 800 رضاڪار ابوظهبي، دبئي ۽ شارجه ۾ امدادي مهم هلائي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا