گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي سيشن کان پوءِ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته فلسطين مسئلو منصفاڻي حل کان سواءِ خطي ۾ امن جو قيام ناممڪن آهي. ان موقعي تي سعودي عهديدارن سان گڏ ا??دن جو پرڏيهي وزير ايمن الصفدي، فلسطي?? جي پرڏيهي وزير رياض المالڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري پڻ موجود هئا. ارد?? جي پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جنگ روڪڻ لاءِ موثر قدم نه ??ني?? ويا ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ اولهه ڪناري ۾ پکڙجڻ کان علاوه لبنان ۽ ??ين محاذن تي پکڙجي ويندي. جنگ جي پکڙجڻ جو سنجيده خطرو موجود اهي. واضح رهي ته اسرائيل پاران غزه تي بمباري ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت جاري رهي آهي، ان دوران 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا اهن جڏهن ته 1400 اسرا??يل?? مارجي ويا آهن. 23 لک کان وڌيڪ آبادي مسلسل لاڪ ڊائون سبب کائڻ پيئڻ جي شين کان محروم آهي. جڏهن ته لکين فلسطيني شهري بمباري سبب گهر ڊهڻ سبب بي گهر ٿي چڪا آهن.
عرب پرڏيهي وزيرن جو اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ فوري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ