نيويارڪ-09 آڪٽوبر (ا?? پي پي) سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بند ڪمري واري اجلاس ۾ آمريڪا سمورن 15 ميمبرن کان مطالبو ڪي?? ته هو حماس طرفان اسرائيل خلاف دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪري پر ڪائونسل جي ميمبرن آمريڪي مطالبي تي ڪا فوري ڪارروائي نه ڪئي. آمريڪي نائب سفير رابرٽ وو?? بعد ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته ڪجهه ملڪ حماس جي حملي جي مذمت تي آماده هئا پر ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ان س??ن اتفاق نه ڪي??. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير ويسلي نيبنزيا چيو ته اسان شهرين تي ٿيل سمورن حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته روس جو پيغام آهي ته هي ضروري آهي ته جهيڙي کي فوري طور روڪيو و??ي، جنگبندي ڪئي وڃي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رڪاوٽ جو شڪار ڳالهيون ٻيهر شروع ڪي??ن وڃن. ان کان اڳ چيني سفير زانگ جون پڻ چيو ته سندس ملڪ شهرين تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو پر هن به حماس جو ذڪر نه ڪي??. چيني سفير چيو ته اهم ڳالهه هي آهي ته صورتحال کي وڌيڪ ڇِڪتاڻ کان روڪيو و??ي ۽ شهرين جون وڌيڪ فوتگيون نه ٿين ۽ هي اهم آهي ته ڌُرين کي ٻه رياستي حل طرف واپس آڻڻو آهي.
سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ