اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??لڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين. صدر مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??ن آمر جي خلاف عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. صدر بيگم نصرت ڀٽو ج?? جمهوريت جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ??اڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي قيادت فراهم ڪئي، جمهوريت جي لاءِ سندس ??ربانين ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمراڻي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، هوءَ مادر جمهوريت ۽ عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو سياسي بصيرت رکندڙ ۽ م??بر اڳواڻ هئي، هن عورتن جي خودمختياري ۽ سياست ۾ انهن جي شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ تي سندس ??شن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.
ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : راکی