نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهن??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم عالمي بئنڪ پاران پاڪستان حڪ??مت سان اقتصادي سڌارن، غربت ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي سميت پاڪستان جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي صدر کي حڪ??مت جي پاليسي، انتظامي ۽ تنظيمي سڌارن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪ??مت توانائي، ماليات ۽ اوڳاڙين جي شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪ??مت معاشي سڌارن جي تڪميل جي لاءِ عالمي بئنڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. هن پاڻي نظام، توانائي ۽ انساني ترقي سميت پاڪستان جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهن??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم سان ورلڊ بئنڪ جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے