اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي ڏاڍ کان متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ ”فلسطين ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ“ قائم ڪرڻ ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ شنگهائي بندرگاهه چين کي سسٽر – پورٽس جي حيثيت ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي ڏاڍ کان متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ فلسطين ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ان حوالي سا?? اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي اڪائونٽ کولڻ جي حوالي سان ضروري هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال فلسطين ۽ لبنان جي حوالي سان امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪندو. وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي اي – گورننس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان قدمن سان گڏيل قومن جي اي – گورننس ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ 14 درجا بهتري ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سمورين 40 ڊويزنز ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ ڪجهه وزارتن ۾ اي – آفيس جو 100 سيڪڙو لاڳو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم اي – آفيس لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ ان حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. وفاقي ڪابينا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي فيصلن جي روشني ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ سبسڊيز جي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ شنگهائي بندرگاهه چين کي سسٽر – پورٽس جي حيثيت ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ??رڏ??هي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ??رڏ??هي وزارت پاڪستان ۽ روانڊا جي ??رڏ??هي وزارت جي وچ ۾ ٻطرفي ??يا??ي مشاورت جي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ??رڏ??هي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ??رڏ??هي وزارت پاڪستان ۽ گهانا جي ??رڏ??هي وزارت جي وچ ۾ ٻطرفي ??يا??ي مشاورت جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي جوڊيشل مئجسٽريٽ I – گوادر ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ I – حب کي منشيات جي خاتمي جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 25 سيپٽمبر 2024ع تي منعقد ڪيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا چائينز انويسٽمينٽ پراجيڪٽس بابت ڪابينا ڪميٽي جي 16 سيپٽمبر 2024ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي پهرين آڪٽوبر 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا پاران فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي ڏاڍ کان متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ ”فلسطين ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ“ قائم ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ