اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ چيو آهي ته ??يم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ض??ور?? ??دم?? کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سمورن هوائي اڏن ۽ زميني رستن تي هيلٿ ورڪرز ۽ نان هيلٿ ورڪرز کي سکيا ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ايم پاڪس جي جائزه اجلاس دوران ڳالهيائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي جي هيلٿ ۽ صحت جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بارڊر هيلٿ سروسز پاران سمورن هوائي اڏن ۽ انٽري پوائنٽس تي منڪي پاڪس يا ايم پاڪس وائرس کان بچڻ لاءِ جاري ??دم?? جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد مختار برٿ چيو ته ??يم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ض??ور?? ??دم?? کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هوائي اڏن تي اسڪينرز فعال آهن ۽ اسڪريننگ ۽ سرويلينس جو اثرائتو نظام موجود آهي. ڊبيلو ايڇ او جي ايس او پيز تي عم??درآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي صورتحال جي نگراني جاري آهي.
ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون: ڊاڪٽر مختار احمد برٿ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا