راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ??سجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جي ايڇ ڪيو پهتو جتي آرمي چيف جنرل عاصم منير معزز مهمان کي ڀليڪار چيو. آرمي چيف مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جي پاڪستان جي دوري کي پاڪستاني عوا?? لاءِ اعزاز قرار ڏنو جڏهن ته امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جو چوڻ هو ته پاڪستان جو مسلمان دنيا ۾ اهم مقام آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪا?? لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ملاقات دوران شخصيتن طرفان پاڪ سعودي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ملاقات جي پڄاڻي تي مسلمان امت جي اتحاد، امن ۽ استحڪا?? لاءِ دعا ڪئي.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير ملاقات ڪئي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن