اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان دولت مشت??ڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت مشت??ڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اهم معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت مشت??ڪه عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن پارلياماني اقتصادي ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانونسازي ۾ سپورٽ لاءِ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، ٻارن لاءِ انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت خاص ڪري قانونسازي جي شعبي ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??ن دولت مشت??ڪه جي قانونسازي جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت مشت??ڪه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت مشت??ڪه جون دولت مشت??ڪه ۾ شامل ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت مشت??ڪه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت مشت??ڪه کي هميشه اهميت ڏن?? آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ دولت مشت??ڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني فورمز جي سربراهن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ