اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪ??تا?? جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل هم آهنگي ۽ گڏيل سوچ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي امن، برابري ۽ انصاف جي اصولن تي ٻڌل آهي، پاڪ??تا?? پوري دنيا جي امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم کي پرڏيهي وزارت ۾ خصوصي بين المذاهب افطار ڊنر ۾ ڀليڪار چوڻ اعزاز جوڳو آهي، بين المذاهب افطار ڊنر ۾ سفارتي برادري جي موجودگي جي لاءِ ٿورائتو آهيان. هن سفيرن کي پاڪ??تا?? ۽ پنه??جي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي فروغ ۾ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سڄي دنيا جي مسلمانن جي لاءِ رمض??ن المبارڪ جي مقدس مهيني جي خاص مذهبي ۽ سماجي اهميت آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪ??تا?? گهڻ رخي، امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جو علمبردار رهندو. هن چيو ته پاڪ??تا?? 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ اميدوار آهي، ايشيا پيسفڪ گروپ جي ملڪن ان سلسلي ۾ پاڪ??تا?? جي حمايت ڪئي آهي، پاڪ??تا?? جي حمايت جي لاءِ اس??ن انهن ملڪن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ جي لاءِ ٻين سمورن ملڪن جي حمايت جو خواهشمند آهي، ڪائونسل ۾ پنه??جي مدي دوران پاڪ??تا?? عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪائونسل جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته رمض??ن المبارڪ ۾ اسان کي غزه جي مسلمانن کي نه وسارڻ گهرجي، غزه جي مسلمانن کي گذريل ڇهن مهينن کان بک ۽ جنگ درپيش آهي. هن چيو ته غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو وقت اچي ويو آهي، جنگبندي جو مطالبو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيو آهي، علائقائي تڪرارن جي حل کانسواءِ امن ۽ خوشحالي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي فلسطين ۽ ڪشمير سميت پراڻي تڪرارن کي حل ڪيو وڃي، هن هفتي ماسڪو ۾ ۽ بشام ۾ ٿيندڙ حملا ياد ڏيارين ٿا ته دهشتگردي پوري دنيا جي لاءِ خطرو آهي، پاڪست??ن ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي حصيداري کي فروغ ڏيندو رهندو. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ”جيڪو ڪنهن هڪ جي حياتي کسيندو ان ڄڻ ته پوري انسانيت کي قتل ڪيو ۽ جنهن هڪ حياتي بچائي ان پوري انسانيت کي بچايو.“ پرڏيهي وزير چيو ته امن جي فتح تائين دهشتگردي جي خلاف اسان جي جنگ ختم نه ٿيندي، اسان وٽ اختلافن کان قطعي نظر قومن جي وچ ۾ مڪالمي ۽ افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير پاران گڏيل هم آهنگي ۽ گڏيل سوچ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون اهم قرار، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، برابري ۽ انصاف جي اصولن تي ٻڌل آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ