اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي ??عاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هو گهير هيٺ غزه جي پٽيءَ ۽ پوري والاريل فلسطيني علائقي ۾ شهرين جي خلاف ا??را??يلي جارحيت جي شديد مذمت جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل قابض طاقت کي غزه ۾ شهرين جي جاري نسل ڪشيءَ جو مڪمل طور تي ذميوار قرار ڏنو آهي. ترجمان چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ ا??را??يلي جارحيت جي خاتمي ??ان گڏوگڏ بنا روڪ ٽوڪ ۽ مناسب انساني ۽ طبي امداد ۽ ريليف کانسواءِ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۽ انساني همدرديءَ جي لنگهن کي کولڻ جي مط??لب?? ۾ شامل آهن ته جيئن فوري امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته هاڻي جڏهن ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو ويجهو اچي رهيو آهي، اسان فلسطين جي ماڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ ۽ فلسطينين کي مسجد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ غيرمحدود پهچ جو مط??لب?? ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس جي آجيان
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی