اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مالديپ پهچي وي??. ڊ??ڪٽر معيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مالديپ اچڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر جو مالديپ جي نامزد پرڏيهي وز??ر موسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري فرزانه ظاهر، مالديپ جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان هاءِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مالديپ ٻه مسلمان ڀائر ملڪ آ??ن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وز??ر پنهنجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ مالديپ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو