اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ تر??مانستان تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي ??ي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته وزيراعظ۾ محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي خطي جي خوشحالي لاءِ اهم منصوبو آهي، منصوبي ??ان خطي ??ي قدرتي گئس جي فراهمي ممڪن ٿيندي، عالمي صورتحال جي ڏس ۾ توانائي جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي، ان منصوبي ??ان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي ??ي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحيحن واري تقريب ڪالهه خميس ڏينهن هتي منعقد ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ تر??مانستان جي مملڪتي وزير ۽ تر??من گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ تر??مانستان تاپي گئس عملدرآمد منصوبي ??ي صحيحون ڪيون آهن. ان جي لاءِ تر??مانستان جي صدر ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. تاپي هن پوري خطي جي خوشحالي جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي. هي منصوبو اشڪ آباد کان شروع ٿيندو ۽ افغانستان ۽ پاڪستان کان ڀارت تائين مڪمل ??يو ويندو. ان سان هن خطي ??ي منصوبي ??ي ٺوس خاطرين ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل شرطن موجب قدرتي گئس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڄ توانائي هڪ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پاليسين ۽ فوري قدمن جي ضرورت آهي. تاپي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪندس ته ان منصوبي ??ي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي عمل کي تيز ??يو وڃي. هن چيو ته تر??مانستان جي وفد پاران پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي چيو ته ان سان اسان کي اهو موقعو مليو آهي ته دنيا کي اهو يقين ڏياريون ته پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهم موقعي تي پاڪستان ۽ تر??مانستان جي پيٽروليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، تر??مانستان پاڪستان دوستي زندهه آباد.
تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون، منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا