اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فوري عملدرآمد سان خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي، پ??جاب کان خيبرپختونخواهه کي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته اٽي جي پهچ جي عمل ۾ ڪا ب?? ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئي هئي، پ??جاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي پهچ جي مرحلن جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اٽي جي پهچ جو ڪم تيز ڪيو وڃي، پ??جاب ۽ خيبرپختونخواهه ج??ن نگران حڪومتون ان حوالي سان رابطو بهتر بڻائين، ان ڪم ۾ ڪا ب?? ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات