اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالين تي ??هري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو علائقي ۾ انساني حقن جي انهن سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارتي قابض عملدارن ڪشميري?? کي مسلسل چوٿين سال سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۾ عيد نماز جي اجتماع ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو، ان کان اڳ قابض عملدارن رمضان جي مقدس مهيني ۾ پڻ مذهبي آزادي تي ??اب??ديون هنيون هيون. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل ??اب??دي?? کي ختم ڪن جيڪي انه?? کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته گذريل هفتي نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين دوران 40 ماڻه?? کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ عورتون به شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي عملدارن آزادي جي حامي ٻن ڪشميرين سيد شڪيل يوسف ۽ سيد شاهد يوسف جون ملڪيتون به ضبط ڪري ڇڏيون آهن جيڪي هن وقت غيرقانوني حراست ۾ آهن. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي بڊگام علائقي ۾ هڪ ٻئي حراست هيٺ ۽ ناليواري انساني حقن جي ڪارڪن خرم پرويز جي اين جي او جي آفيس تي ??اپو هنيو ويو. هن چيو ته اسا?? کي اهڙي طرح جي ڪاررواين تي سخت ڳڻتي آهي، اهي ڪارروايون والاريل علائقي ۾ بنيادي آزادي?? کي دٻائڻ ۽ مقامي آبادي کي دهشت زده ڪرڻ جي مسلسل ڀارتي ح??مت عملي جي عڪاسي ڪري ٿي. ترجمان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي انهن سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو ۽ هو گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ