اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گهڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هو ٻاهر اچي ڀڀڪ??ون هڻي ٿو، هن شخص قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، عمران خان ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي ۽ مهم جوئي ڪري ٿو، ڪير پڇڻ وارو نه آهي، هن کي خبر آهي ته جنهن ڏينهن عدالت آڏو پيش ٿيو ته پڪڙيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ فارن فنڊيڊ ايجنٽ، گهڙيءَ چور پوليس کي ڏسندي ئي لڪي وڃي ٿو ۽ پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هي پنهنجي ٻرِ کان ٻاهر نڪري ڀڀڪ??ون هڻي ٿو، هن شخص پاڪستان جي قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، ان جي باوجود ه?? شخص عدل جي نظام جي اکين تي سوار آ??ي. ??ن چيو ته هن شخص کي خبر آهي ته جيترو وڌيڪ رڙ??ون ڪندو ايترو جلدي ان کي ريليف ملي ويندو. ان کي خبر آهي ته هي عدليه تي حملي آور ٿيندو، غنڊه گردي ڪندو، عدليه کي ڌمڪائيندو ته کيس ضمانت ملي ويندي، ه?? شخص عدالت آڏو ان لاءِ پيش نه ٿو ٿئي ڇو ته ان کي خبر آهي ته هي گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ آهي، هن پاڪستان جي عوام کي ڦريو ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو آهي ۽ هي ڄاڻي ٿو ته جنهن ڏينهن هي عدالت آڏو پيش ٿي ويو ته پڪڙيو ويندو. هن چيو ته ان کي جڏهن پوليس پڪڙڻ اچي ٿي ته هي رڙ??ون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، هي پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي وٺي ٿو. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته هن شخص بابت اهو ئي مثال آهي ته مون چوري ڪئي آهي ته منهنجو ڇا ڪري وٺندا، پوري جو پورو نظام ان جي هٿان مجبور آ??ي. ??ن چيو ته عمران خان ادارن جي خلاف غلاضت اوڳاڇي ٿو ۽ مهم جوئي ڪري ٿو، عمران خان کي خبر آهي ته هو عدليه تي حملو ڪندو، ڌمڪ??ون ڏيندو ته ان کي بيل ملي ويندي. هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن ڏوهه ناهي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي پر اهو رڳو ٻرِ ۾ وي??ي سگهي ٿو. هن چيو ته زمان پارڪ ۾ سمجهوتا ايڪسپريس روانگي جي لاءِ تيار آهي پر ا??ي سمجهوتي نه اين آر او جي لاءِ منٿون آهن، فارن ايجنٽ توشه خانه چور کي اين آر او گهرجي، ان کي ان وقت سوچڻ گهرجي ها جنهن وقت گهڙيءَ چوري ۽ توشه خانه ۾ ڌاڙو هڻي رهيو هو، پنهنجي ملازمن جي ذريعي ايجنٽ بڻجي فارن فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ ڪري رهيو هو.
گهڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هو ٻاهر اچي ڀڀڪيون هڻي ٿو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil