اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن گذريل 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وحشياڻي ڀا??تي ڏاڍ ۽ ظمن کي منهن ڏنو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀا??تي قابض فوج ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ کين سندن حقن کان محروم ڪري رکيو آهي، هن چيو ته اڄ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي مقرري وارن علائقن مان هڪ آهي جتي 9 لک کان وڌيڪ قابض ڀا??تي فوجي مقرر آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن سان والاريل ڄ??ون ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جو نئون باب کولي ڇڏيو آهي، ڀا??تي حڪمرانن چونڊ ??ڪن جي تازي حد بندي، غير ڪشميرين کي لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ لکين غير ڪشميرين کي شامل ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪشميري مسلسل خوف جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀا??تي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال ۽ عدالتن کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري آهي، سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ، غير قانوني حراستن، تشدد ۽ جائيدادن جي ضبطي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته ڀارت کي پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄ??ون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پنهنجي سنگين خلاف ورزيون ختم ڪرڻيون پونديون. ڀارت آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلين سميت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي واپس وٺي. هن چيو ته ڀارت سخت قانونن کي ختم ڪري ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جي معاملن ۾ گڏيل قومن جي طرفان ڏنل جاچ جي اجازت ڏي ۽ ڄ??ون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته ??ون پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ڏيارڻ چاهان ٿو ته جيستائين ڪشميري ڀا??تي ظلمن جو شڪار آهن، پاڪستان ڪڏهن به سک سان نه ويهندو ۽ نه ئي خاموش تماشائي بڻجندو. ڄ??ون ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪشميري عوام جي ان وقت تائين اڻٽر اخلاقي، سفا??تي ۽ سياسي حمايت جاري رکندا جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق حاصل نٿو ٿئي.
پاڪستاني عوام ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena