شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرندڙ ۽ ڪمزور ملڪن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ شفاف طريقيڪار تحت موسمياتي فنانس جي نئين، اضافي ۽ پائيدار وسيلن جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته موسمياتي تباهي جي فرنٽ لائينز تي موجود ماڻهن جي حقيقي بحالي جي ضرورتن کي برقرار رکڻ جي ل??ءِ موجوده مالياتي فرق تمام وڌيڪ آهي، گڏيل قومن جي نظ??م تحت هڪ عالمي موسمياتي رسڪ انڊيڪس ٺاهڻ گهرجي، اهو هاڻي يا ڪڏهن نه وارو معاملو آهي، پيرس معاهدي ۾ بيان ڪيل طريقيڪار کان به وڌيڪ ذميوارين جو احترام ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ڪلائميٽ چي??ج ڪانفرنس ڪوپ – 27 جي سربراهه اجلاس کي خطاب ۾ قومي موقف پيش ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي مصر جي صدر عبدالفتح السيسي کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته ڪوپ – 27 واحد پليٽ فارم آهي جتي انساني نسل جي بقاءَ کي هڪ مقصد جي طور تي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. هي هڪ اهڙو فورم به آهي جتي ڪمزور ملڪ پنهنجو معاملو امير ۽ وسيلا رکندڙ ملڪن آڏو پيش ڪري سگهن ٿا ته جيئن انصاف جو گڏيل مقصد حاصل ٿئي ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ ضروري پاليسين جي بحالي جي ل??ءِ هڪ روڊ ميپ اختيار ڪري سگهجي جيڪو اسان جي صلاحيت کان وڌيڪ تيزي سان بحالي ۾ مدد ڏي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، اسان پگهرجندڙ گليشيئرز سان ٿيندڙ تباهي کان بچڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي اتر ۾ 8 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستا تباهه ٿيا، 3 هزار ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهتو ۽ سوين پليون تباهه ٿيون ۽ بيٺل فصل کي نقصان پهتو آهي. هن چي?? ته اسان آهستي آهستي ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چي?? ته ٻوڏ جي ڪري ملڪ ۾ 30 ارب آمريڪي ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چي?? ته اسان جي ملڪ جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان جي ل??ءِ ترجيحون ڪڏهن به واضح نه رهيون. هن چي?? ته فنانسنگ ۽ ٽائيم لائين ٻنهي لحاظ کان موافقت جي عالمي هدف کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان اڃا تائين موافقت ۽ ماليات جي حوالي سان واعدن ۾ توازن نه ڏٺو، موسمياتي تباهي جي فرنٽ لائينز تي موجود ماڻهن جي حقيقي بحالي جي ضرورتن کي برقرار رکڻ جي ل??ءِ موجوده مالياتي فرق تمام وڌيڪ آهي. هن چي?? ته نقصانن کي پورو ڪرڻ جو معاملو ڪوپ – 27 جي بنيادي ايجنڊا جو حصو بڻائڻو پوندو ته جيئن انهن ماڻهن جي انساني ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي جيڪي قرضن جي ڪري عوامي مالي امداد جي بحران ۾ ڦاٿل آهن ۽ پوءِ به انهن کي پنهنجي طور تي موسمياتي آفتن جي ل??ءِ فنڊز فراهم ڪرڻا پئجي رهيا آهن. وزيراعظم چي?? ته ڪلائميٽ فنانس کي واضح طور تي نئين، اضافي ۽ پائيدار وسيلن جي طور تي هڪ شفاف طريقيڪار سان بيان ڪرڻ گهرجي جيڪو اسرندڙ ۽ ڪمزور ملڪن جي ضرورتن کي ان رفتار ۽ پئماني سان پورو ڪري ٿو جنهن جي ضرورت آهي. هاڻي ان ڳالهه تي به مڪمل وضاحت ٿيڻ گهرجي ته موسمياتي منتقلي ۽ ترقياتي ماليات جو ڪيترو حصو آهي. هن چي?? ته 2009ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ڪوپ – 15 ۾ 2020ع تائين ساليانو 100 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا پر اهي اڃا تائين پورا ناهن ٿيا. گڏيل قومن جي نظ??م تحت يو اين ايف سي سي سي جي سمورين ڌرين جو هڪ عالمي موسمياتي رسڪ انڊيڪس ٺاهڻ گهرجي. ان انڊيڪس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ملڪن جي منصوبن کي ڪلائميٽ فنانس جي ل??ءِ ترجيح ۽ تيزي سان منظوري ملڻ گهرجي. وزيراعظم چي?? ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان بار جي واضح ورڇ جي فارمولي جي بحالي جي ضرورت آهي. پيرس معاهدي ۾ بيان ڪيل طريقيڪار کان به وڌيڪ ذميوارين جي واعدي جو احترام ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي اين ڊي سيز ۾ 2030ع جي ل??ءِ خواهشون ڪيترن ئي ملڪن کان اڳ ۾ ئي وڌيڪ آهن پر اسان پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهيون. هن چي?? ته جيستائين صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي وهڪري ۾ تبديلي نه ٿي اچي، اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ معاملا طئي نه ٿيندا. هن چي?? ته تازي ٻوڏ دوران اسان ڪڻڪ، پام آئل، تيل ۽ گئس برآمد ڪيو. اسان پنهنجي وسيلن جو رخ لکين ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ل??ءِ موڙي ڇڏيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي لکين خاندانن کي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته سرديءَ جي موسم شروع ٿي چڪي آهي، اسان کي ٻوڏ متاثرين کي شيلٽرز، ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ۽ خوراڪ فراهم ڪرڻي آهي ان جي ل??ءِ اسان اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته عالمي برادري پاران مشڪل وقت ۾ امداد تي ٿورائتا آهيون. هن چي?? ته دنيا کي اسان جي مشڪلاتن کي سمجهڻ گهرجي. ٻيا ملڪ به اهڙي موسمياتي يا انسان ساخته قدرتي آفتن جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هن چي?? ته اسان کي پنهنجي انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ل??ءِ قرضن بدران اضافي فنڊز جي ضرورت آهي. هن چي?? ته کيس يقين آهي ته هن ڪوپ جي انعقاد سان ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ گڏيل بنياد ملندو. اهو هاڻي يا ڪڏهن نه جو معاملو آهي ۽ اسان جي ل??ءِ واقعي ڪا ٻي زمين نه آهي.
اسرندڙ ۽ ڪمزور ملڪن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ شفاف طريقيڪار تحت موسمياتي فنانس جي نئين، اضافي ۽ پائيدار وسيلن جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا