اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، برطانيه جي هاءِ ڪمشنر مريم اور??گز??ب کي اطلاعات واري وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻط??فو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ سگهه لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن، ڊجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻط??في سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو ته فيڪ نيوز پاڪستان سميت پوري دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي ??زا??ي جي 75 هين ??ال??رهه جي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين ??ال??رهه شاندار طريقي سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اور??گز??ب چيو ته يوم ??زا??ي 14 آگسٽ تي پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ برطانيه لاڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، وسيع علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙي تصورن تي ٻڌل آهن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج