اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ا??ئر??ورٽ ميٽرو بس منصوبي جو دورو ڪيو ۽ منصوبي ۾ دير جي جاچ جو حڪم ۽ ماڻهن کي سفر جي بهترين ۽ معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي پڻ ميٽرو بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزير??عظ?? صبح 7 وڳي ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موٽر ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ احسن اقبال، انجم عقيل خان، حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزير??عظ?? کي سي ڊي اي ۽ اين ايڇ اي جي عملدارن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته ڇنڇر کان 15 بسون ان ر??ٽ تي هلڻ شروع ٿي وينديون، 5 مئي تائين 30 بسون وڌيڪ پهچي وينديون، اهو منصوبو 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر دير جو شڪار رهيو. وزير??عظ?? منصوبي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 16 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن پر ايترو ڊگهو عرصو اهو منصوبو التوا جو شڪار رهيو آهي جيڪا انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي، منصوبي ۾ دير جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته دير جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي، آئون ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ڇو فيصلا وقت تي نه ٿيا ۽ ان ۾ دير جو سبب ڪهڙو آهي، هي قوم جو پئسو آهي جنهن جو ماڻهن کي فائدو نه پهتو، فنڊز عوامي ڀلائي جي اهڙن منصوبن تي خرچ ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هن منصوبي سان ماڻهن کي ا??ئر??ورٽ تائين اچ وڃ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته موٽروي تي پڻ هڪ ميٽرو اسٽيشن ٺاهي وڃي، موٽروي تي جيڪڏهن ميٽرو اسٽيشن نه هوندي ته ان سان سڄي منصوبو جو ماڻهن کي فائدو نه پهچندو، ان لاءِ ڪا شٽل سروس ئي ڇو نه هلائڻي پوي موٽروي تي ميٽرو اسٽيشن هنگامي بنيادن تي ٺاهي وڃي. وزير??عظ?? چيو ته اليڪٽرانڪ ٽڪيٽنگ جو عمل جيستائين مڪمل نه ٿو ٿئي ٽڪيٽون مينوئل طريقي سان جاري ڪيون وڃن ۽ رمضان المبارڪ ۾ مفت ميٽرو بسون هلايون وڃن ته جيئن هن مقدس مهيني ۾ شهرين کي سهولت ملي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته ا??ئر??ورٽ ويندڙ مسافرن جي سامان لاءِ بسن ۾ سامان رکڻ جي سهولت ڏني وڃي، عوامي مفاد جا منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ گهرجن. وزير??عظ?? اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي معياري ۽ بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? ميٽرو بس ۾ سفر پڻ ڪيو ۽ جاري ڪم جو معائنو ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ ميٽرو بس منصوبي جو دورو، منصوبي ۾ دير جي جاچ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون