اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ??يو ته سڄي قوم وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ جي احسانمند آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي عظيم قرباني تي فخر ڪندي آهي، صدر ??اڪٽر عارف علوي 2 فيبروري تي نوشڪي ۾ دهشتگر حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر ??يپٽن محمد بلال خالد، لائنس نائيڪ عنايت الله ۽ سپاهي وحيد علي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنج فيبروري تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندان جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ، صدر سپاهي ساجد علي، سپاهي ناهيد اقبال ۽ سپاهي محمد ضياءُ الله خان جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سپاهي محمد سمير ۽ سپاهي عجب نور جي خاندان جي ماڻهن سا?? به صدر افسوس جو اظهار ڪيو، صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ 10 نوجوانن جي گهروارن سا?? به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر نائيڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نويد غفور جي خاندان جي ماڻهن سان افسوس جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان مصطفيٰ، ??ين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهروارن سا?? به رابطو ڪيو، صدر سپاهي محبوب علي، ارسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.
صدر پاران مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان