اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستانين کي وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقي??ي بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، انهن جي سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ??يا وڃن. وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق الحسن ملاقات ڪئي. ان دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سهولت بابت معاملا بحث هيٺ آندا ويا. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني جيڪي هن ملڪ جو قابل قدر اثاثو آهن کين وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقي??ي بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين لاءِ هڪ ڇت هيٺان مختلف خدمتن جي فراهمي لاءِ ون ونڊو سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ??يا وڃن.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔