اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد ??لي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو، قائداعظم محمد ??لي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي ??نگ ۽ نسل، مذهبي، لسا??ي ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. قائداعظم محمد ??لي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد ??لي جناح وزيراعظم عمران خان جو ر??ل ماڊل آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي معاشي ۽ ثقافتي قدر مضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. هن چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باباءِ قوم جي پيدائش جي ڏهاڙي تي ??سان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری