اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اف??ان??تان جي حوالي سان يورپي يونين جي قراردادن ۾ پاڪستان بابت منفي ۽ غيرمن??قي حوالن تي ڳڻتي جو ا??ها?? ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا غيرمن??قي حوالا پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان ??ڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات دوران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ اف??ان??تان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته اف??ان??تان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. انساني ۽ معاش?? بحران جي نظر ايندڙ خطري جي ڏس ۾ عالمي برادري کي اف??ان??تان جي معاونت کي جاري رکڻو پوندو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير اف??ان??تان جي حوالي سان يورپي يونين جي قرارداد ۾ پاڪستان بابت منفي حوالن تي ڳڻتي جو ا??ها?? ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جا غيرمن??قي هوالا پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان ??ڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اف??ان??تان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو ا??ها?? ڪندي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه اف??ان??تان تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
شاهه محمود قريشي سان يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جي ملاقات، افغانستان بابت يورپي يونين جي قراردادن ۾ پاڪستان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس