گڏي قومون – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان زور ڏنو آهي ته افغانستان جي انساني صورتحال سنگين آهي ان ڪري بين الاقوامي برادري نئين تبديلي تي متفقا نظريو اختيار ڪري ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي ۾ مدد ڪري ڇو جو مسابقتي ۽ غير متفقا نظريي سان افغانستان ۽ سموري خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ خوشحالي جي موقعن کي نقصان پهچندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ افعانستان جي صورتحال تي بحث دوران آئرلينڊ جيڪو سيپٽمبر جي مهيني لاءِ سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي، جو ٿورو مڃيو جنهن افغانستان جي صورتحال تي پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي شر??ت کي يقيني بڻايو آهي جڏهن ته ان جي ابتڙآگسٽ ۾ ڀارت سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران افغانستان تي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ پاڪستان جي شرڪت جون درخواستون رد ڪيون هيون. پاڪس??ان?? نمائندي منير اڪرم چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا، ڇڪتاڻ ۽ ماضي جي حڪومتن جي ناڪامي ۽ ڪرپشن سبب افغانستان ۾ انساني صورتحال خوفناڪ آهي جتي هڪ ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي فوري مدد جي ضرورت آهي ان ڪري اسانکي افعانستان جي صورتحال کي وڌيڪ بدترين ٿيڻ کان روڪڻو پوندو جنهن سان پناهگيرن جو بحران پيدا ٿ?? سگهي ٿو ۽ اهو امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ کي ڏکيو بڻائ?? سگهي ٿو. هن ان سلسلي ۾ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن جي ??رب??اهه ۽ گڏيل قومن جي خاص نمائندي ڊيبواليونز جي ان مطالبي جي حمايت ڪئي جنهن ۾ هن افغانستان لاءِ ان جي مالي وسيلن تائين پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪس??ان?? نمائندي چيو ته مالي وسيلن تائين پهچ افغانستان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي 13 سيپٽمبر تي جينوا ۾ بين الاقوامي امدادي ??ان??رنس منعقد ڪرڻ جي قدم جي پڻ ساراهيندي زور ڏنو ته عالمي برادري دل کولي امداد ڪري ڇو جو افغانستان اڄ پنهنجي تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي ۽ افغان عوام بين الاقوامي برادري جي سهڪار سان امن جي بحالي ۽ ترقي جي ام??ان?? کي زنده ڪر?? سگهي ٿو.
بين الاقوامي برادري سنگين انساني صورتحال کان بچڻ، امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ افغانستان جي مدد ڪري، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جو سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران خيالن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania