اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير کي معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار ۽ گهرن جي ??عمير لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ غريب خاندانن جي هڪ ماڻهو کي فني ۽ پيشيوراڻي تربيت ڏيارڻ لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي ??ميداري سونپيندي چيو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان جلد کان جلد جوڙيا وڃن، سرسبز پاڪستان ايندڙ نسلن جي تحفظ ۽ بهتر ماحول لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گرين ايرياز جي تحفظ جي لاءِ زرعي، رهائشي ۽ ٻين زمينن جي ??ستعمال جي ??والي سان مروجه قانونن ۽ قاعدن ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جئين زرعي زمين ۽ گرين ايرياز جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ڪنهن اهڙي زمين جي نوعيت بدلائڻ جو اختيار اعليٰ سطح تي منتقل ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار جي لاءِ آسان ۽ گهٽ شرح تي قرضن جي فراهمي، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهرن جي ??عمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جي فراهمي ۽ غريب خاندانن جي گهٽ کان گهٽ هڪ ماڻهو کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل ??نر ڏيارڻ جي ??والي سان جامع پلان ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ??ميداري ناڻي واري وزير کي سونپي ڇڏي. اجلاس کي ماحوليات واري وزارت پاران جوڙيل گرين بلڊنگ ڪوڊ جي ??والي سان بر??فنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي ??ور تي گرين بلڊنگ ڪوڊز نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته گرين بلڊنگ ڪوڊ توانائي جي ??چت، پاڻي جي ??چت، تعميري سامان، انڊور هوا جي ڪوالٽي، ٿرمل ڪمفرٽ ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٽرانسپورٽ تي ٻڌل آهي، گرين بلڊنگ ڪوڊ لاڳو ڪرڻ سان توانائي جي مد ۾ 24 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي، ڪاربان جي ??خراج جي مد ۾ 33 کان 35 سيڪڙو گهٽتائي پاڻي جي 40 سيڪڙو بچت ۽ سالڊ ويسٽ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو گهٽتائي واقعي ٿيندي آهي جڏهن ته گرين ڪوڊ تي عملدرآمد جي مد ۾ اضافي لاڳت انتهائي گهٽ آهي جيڪا ٻه ٽن سالن ۾ پوري ٿي ويندي آهي، اجلاس کي ملڪ جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز کي نئين سر جوڙڻ ۽ ان حوالي سان هيستائين جي ??ڳڀرائي تي تفصيلي بر??فنگ ڏني وئي.
ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان جلد کان جلد جوڙيا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے