اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سي??سر??پ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي ??ه ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي پريس ڪلبن جي مالي مدد جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پريس ڪلبن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هو ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن ۾ مالي مدد جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دران??، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سميت سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي ??رادري جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي ??يڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آهن انهن جي به مدد ڪئي وڃي، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پريس ڪلبن ۽ صحافين جي مدد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری