اسلام آباد -17 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي عهدو ڇڏيندڙ سفير س??د محمد علي حسيني مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي حادثاتي موت تي ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ ايران جي سفير چيو ته اسان پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي افسوسناڪ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته مفتي صاحب جو ??وچتو ۽ اڻمندائتو وڇوڙو افسوسناڪ آهي. س??د محمد علي حسيني پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو ??ظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : bolão quina