اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي خواهش جو اظهار ڪندي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪس??اف??ن ملاقات ڪئي. وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم زومارت توڪايف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ??و 3 کان 4 جولاءِ 2024ع تي ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي لاءِ پنهنجي ايندڙ دوري دوران صدر توڪايف سان ملاقات جو منتظر آهي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ علائقائي سلامتي ۾ تعاون جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. قزاخستان جي سفير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قزاخستان جي صدر جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم کي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف سرگرمين ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II