اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي بطور ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا جاري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان و??يراع??م کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وزيراعظم ڪميٽي کي وڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن و??ري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري مملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج