شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، ٻيلن کي ب??هه لڳڻ کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي سان ڳرندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر درپيش آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت زمين جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي، حياتياتي واڌويجهه جي نقصان ۽ آلودگي کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ عالمي ب??ادري سان گڏيل ذميواري کي تسليم ڪري ٿو، موسمياتي تبديلي جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ٻيلن جي ب??هه کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر درپيش آهن. هن چيو ته هلندڙ سال جي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”زمين جي ب??الي، برپٽ ۾ واڌ جي مسئلي ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ“ آهي ۽ هي ڏينهن اسان کي ان وڏي چئلينج جي ياد ڏياري ٿو جيڪو اربين هيڪٽر زمين جي حوالي سان درپيش آهي جنهن سان دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي متاثر ٿي رهي آهي ۽ عالمي جي ڊي پي جو اڌ خطري ۾ ورتل آهي، ڳوٺاڻا علائقا، ننڍا آبادگار ۽ انتهائي غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، گرين پاڪستان پروگرام، ليونگ انڊس انيشي ايٽو، نيشنل ايڊاپٽيشن پلان جهڙن قدمن، ٻيلن جي واڍيءَ، حياتياتي واڌويجهه جي نقصان جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي نظام جي ب??الي جي لاءِ اسان جي عزم کي واضح ڪن ٿا. هن چيو ته ڪوپ – 27 دوران پاڪستان جي موسمياتي سفارتڪاري جي ڪوششن خاص طور تي نقصان ۽ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو ۽ عالمي ماهرن ان کي مثبت قرار ڏنو. هن چيو ته ملڪ جي اندر پاڪستان جي آء?? زيڊ، پاٿ ويز 2050 پليٽ فارم، يو اين ڊي پي ۽ عالمي ب??نڪ جي مدد سان پائيدار ڊگهي مدي واري گهٽ ڪاربن ترقياتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ ج?? لاءِ سرگرم آهي. ان سان گڏوگڏ وڻڪاري جي مضبوط پروگرامن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ريچارج پاڪستان، جي ايل او ايف ۽ پائيدار لينڊ مئنيجمينٽ پروگرام (ايس ايل ايم پي) جهڙا قدم پائيدار زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ ۽ زمين جي ڪٽاءُ جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا، زميني ڏڪار، ريگستان جي ڦهلاءُ ۽ پاڻي جي کوٽ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ب??وجود پاڪستان جديد طريقن ۽ گڏيل حصيداري جي ذريعي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ ثابت قدم آهي. ??زي??اعظم چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي پنهنجي زمينن کي ب??ال ڪرڻ، سوڪهڙي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ برپٽ ۾ واڌ کي روڪڻ ج?? لاءِ عالمي تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ سڀني جي بهتر مستقبل کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت