اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آه?? ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي ??صو??ي اجلاس ۾ فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قرارداد ۾ طئي ڪيو ويو ته فلسطين گڏيل قومن جي ميمبرشپ جي لاءِ اهل آه?? ۽ سلامتي ڪائونسل کي ان معاميل تي بهتر طريقي سان غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آه?? ته هو گڏيل قومن ۾ فلسطين جي داخلا تي پنهنجو اعتراض ختم ۽ انهن خاطرين جي ساک بحال ڪري جيڪي ٻه رياستي حل جي حمايت ۾ ڏنيون ويون آه??. هن چيو ته ان قرارداد جي منظوري فلسطيني عوام جي خلاف تاريخي ناانصافين جي ازالي طرف هڪ جزوي پر اهم قدم آه??. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته اهو 4 جون 1967ع جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ امن عمل جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪندو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو.
پاڪستان فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina